14/06/2026
السلام عليڪم
ڳولاڙچي کان پنج چڪ، ڏهه چڪ ۽ ڳراڙي ويندڙ روڊ ڪيترن ئي سالن کان سخت خراب حالت ۾ پيل آهن. سيم نالن جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم به نه ٿيڻ سبب هر سال ضلعي بدين، خاص طور تي ڳولاڙچي جي سامونڊي پٽي، ٻوڏ ۽ پاڻي بيهڻ جي مسئلن کي منهن ڏئي ٿي.
ڳولاڙچي کان ڳراڙي ويندڙ سيم نالي واري روڊ تي تعميراتي ڪم لاءِ گهڻو وقت اڳ پٿر لاٿا ويا هئا، پر ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اهي پٿر اڄ به مسافرن لاءِ وڏي تڪليف ۽ عذاب جو سبب بڻيل آهن.
انهن علائقن ۾ آباد ڪمبوه برادري، چانگ برادري، ڳجر برادري، ملڪ برادري، جٽ برادري، آرائين برادري، نهوڙيو برادري، ڀٽو برادري ۽ ٻين سڀني رهواسين کي اپيل ڪجي ٿي ته هن اهم مسئلي تي گڏجي آواز اٿاريون، جيئن اسان جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن.
افسوس جو اسان جا چونڊيل نمائندا ووٽن جي وقت ته عوام وٽ اچن ٿا، پر چونڊن کان پوءِ پنهنجا واعدا وساري گم ٿي وڃن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين گڏجي پنهنجن حقن لاءِ پرامن ۽ مضبوط آواز بلند ڪريون.
#ڳولاڙچي
#بدين