30/12/2024
غزل
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
چمي تنهنجي نصيب ڀانيان
چپن جي چش وصول ڀانيان
مرڪون سڀئي بيساکي ڀانيان
جليون جيڪي جوڀن ڀانيان
رت سان ڳاڙها ڳڀرو ڀانيان
مٽي مون لئي مهان ٿو ڀانيان
وطن جي خوشبو اطُر ٿو ڀانيان
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
اڱڻ اڱڻ تي مهڪار ڀانيان
هاڻي مان به ختم ٿو ڀانيان
ساري سنڌ وصل ٿو ڀانيان
ماڳ ماڳ ۽ ڏهر ڏهر ٿو پوٺا ڀانيان
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
دردن ڀري هي سنڌ ٿو ڀانيان
منهنجو ڪل ڪساڻو سورٺ جو مان سُر ٿو ڀانيان
نعرو ڃڻ ته لولي ڀانيان
امڙ جيڪا پينگه ڏنو هو
لڙڪ اکين ۾ لال ٿو ڀانيان
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
تندوري جو تند ٿو ڀانيان
راڳ جيڪي ان ۾ نڪتا
تلوارن جا جهير مون ڀانيان
خنجر کڻي اڄ ڇاتي ڀانيان
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
منهنجي سنڌ سريکا ليکا
القلم الحروف اي ايم نهڙيو