Madrsah Sibghat Ul Ameen Shakh jamia Rashdia darghah sharef peer jo ghoth

Madrsah Sibghat Ul Ameen Shakh jamia Rashdia darghah sharef peer jo ghoth Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Madrsah Sibghat Ul Ameen Shakh jamia Rashdia darghah sharef peer jo ghoth, Grocers, Chhor Purano.

خدا کرے میری ارض پاک پر اترےوہ فصلِ گل جسے اندیشہء زوال نہ ہوپاڪستان زنده آباد 🇵🇰🇵🇰 پاڪ فوج زنده آباد مدرسه صبغة الأمين ...
14/08/2026

خدا کرے میری ارض پاک پر اترے
وہ فصلِ گل جسے اندیشہء زوال نہ ہو

پاڪستان زنده آباد 🇵🇰🇵🇰
پاڪ فوج زنده آباد

مدرسه صبغة الأمين سڪندريه شاخ جامعہ راشديه درگاہ شريف- ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو ۾ -79هين يوم جشنِ آزادي مبارڪ پاڪستان وڏي جوش۽ جذبي سان ملهايو ويو جنهن ۾ استاد شاگردن ملڪ جي سلامتي پاڪ افواج لاءِ دعائون پڻ گهريو ويون
الله پاڪ اسان جي هن پياري وطن اسلامي جمهوريه پاڪستان کي ھميشه شاد آباد حفاظت ۾ رکي آمين يا رب العلمين 🤲🤲🤲

الحمد لله رب العلمين ۔رمضان المبارڪ 1447هجري جي 27 شب قدر جي رات جامع مسجد ڳوٺ خليفه فقير شهيد محمد امين منڱريو ۾ هر سال...
18/03/2026

الحمد لله رب العلمين ۔
رمضان المبارڪ 1447هجري جي 27 شب قدر جي رات جامع مسجد ڳوٺ خليفه فقير شهيد محمد امين منڱريو ۾ هر سال جيئن هن ڀيري به ختم القرآن تراويح جي 28 وين تقريب ٿي گذري .
هن ڀيري تراويح ۾ ختم شريف پڙهڻ جي سعادت حضرت علامه قاري حافظ معشوق احمد راڄڙ سڪندري صاحب جن کي عطا ٿي ختم شريف جي دعا بعد محترم سائين ليلة القدر جي فضيلت حوالي سان تقرير ڪرڻ فرمايائون .
هن پر مسرت تقريب ۾ ڳوٺ جي حفاظ ڪرام ۽ معززين صاحبان ۽ جماعت سڳوري ۽ شرڪت ڪرڻ جي سعادت پڻ حاصل ڪيائون .
آخر ۾ حضرت پير سائين سردار دامت برڪاتهم - درگاه مبارڪه - جماعت سڳوري - اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ افواج پاڪستان ۽ عالم اسلام لاء دعائون پڻ گهريون ويون .

1446

18 3 26

الحمد لله -قابل احترام محترم سائين ڊاڪٽر محمد فاروق عبدالله منڱريو صاحب ۽ محترم سائين انجنيئر مگهن جمال منڱريو صاحب جن ج...
05/03/2026

الحمد لله -
قابل احترام محترم سائين ڊاڪٽر محمد فاروق عبدالله منڱريو صاحب ۽ محترم سائين انجنيئر مگهن جمال منڱريو صاحب جن جون مهربانيون پاڻ مدرسه صبغت الأمين سڪندريه شاخ جامعہ راشديه درگاہ مبارڪ ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو جي رهائشي شاگردن لاء ڪپڙن جا وڳا عيد گفٽ ڏيڻ جي عنايت فرمايائون هي ديني ادارو سندن عزيز عقارب لاء هميشه دعاگو رهندو آمين .
جزاڪ الله خير احسن الجزاء
15رمضان المبارڪ 1447هجري ۔ 5 مارچ 2026ع

مدرسه صبغة الأمين سڪندريه شاخ جامعہ راشديه درگاہ شريف ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو اسيمبلي جا منظر
15/11/2025

مدرسه صبغة الأمين سڪندريه
شاخ جامعہ راشديه درگاہ شريف
ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو
اسيمبلي جا منظر

الحمد لله ۔مدرسي جي رهائشي شاگردن لاء 9 عدد گرم شالون سردي جي بچاء لاء ڏنيون ويون ۔
27/10/2025

الحمد لله ۔
مدرسي جي رهائشي شاگردن لاء 9 عدد گرم شالون سردي جي بچاء لاء ڏنيون ويون ۔

الحمد لله -واجب الاحترام معزز و محترم جناب سائين خليفه فقير قادر بخش منڱريو صاحب مک خليفه چونڪي جيسلمير پاڻ تازو ڀلي پار...
11/10/2025

الحمد لله -
واجب الاحترام معزز و محترم جناب سائين خليفه فقير قادر بخش منڱريو صاحب مک خليفه چونڪي جيسلمير پاڻ تازو ڀلي پار کان مکة المکرمه مدینة المنوره عمره شريف جي سعادت زيارتن کان بعد پنهنجي ڳوٺ تشريف کڻي پهتا ۔
اڄ 10 آڪٽوبر 2025ع 16 ربيع الثاني 1447هجري پنهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد شريف ۾ نماز جمعون ادا ڪرڻ کان بعد مدرسه صبغة الامين شاخ جامعه راشديه درگاه مبارڪه - ديني اداري ۾ تشريف کڻي آيا ۔ استادن ۽ شاگردن سان ملي ڪري دعا سان پڻ نوازيائون ۽ مدرسي جي رهائشي شاگردن سان هٿ ملائي هر هڪ کان قرآن ڪريم جي تعليم ۽ مدرسي ۾ ملندڙ سهولتن بابت حال احوال وٺڻ فرمايائون ان کان بعد سڀني شاگردن کي ڪاميابي جي دعائون ڏيڻ پڻ فرمايائون ۽ پاڻ استادن صاحبن جي محنت ۽ ڳوٺاڻن جي ديني اداري بابت سهڪار ڪرڻ تي تمام بيحد خوش ٿيا ۔
فقير صاحب هن ديني اداري لاء هميشه نگراني فرمائڻ سان گڏ مالي سهڪار تعاون ڪندا رهندا آهن سندن فراخ دلي جو اجر رب پاڪ دنيا آخرت ۾ عطا فرمائي ۽ ھميشه حضرت مرشد ڪريم دامت برڪاتهم العاليه جن جي فيض ڀري نگاه ڪرم مٿس جاري ساري رهي آمين ۔
هن ڀلاري محفل ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ محترم فقير غلام محمد منڱريو صاحب ۔ محترم فقير ڊاڪٽر فاروق عبدالله منڱريو صاحب ۔ محترم فقير محمد معروف منڱريو صاحب ۔ محترم فقير محمد جمال الدين فاروق منڱريو صاحب جن سندن محترم خليفه ڏاڏا سائين جي رفاقت ۾ عمرو شريف ڪري آيا آهن پاڻ تشريف کڻي هن ديني اداري ۾ به پڻ آيا ۔
ان سان گڏ تمام ڳوٺ واسي معززين جيڪي فقير سائين کي عمري شريف جي مبارڪ باد ڏيڻ کان بعد تشريف کڻي آيا جنهن ۾ محترم فقير غلام نبي منڱريو صاحب - محترم فقير علامه حافظ قاري ڪليم الله منڱريو سڪندري صاحب - محترم فقير محمد حسن منڱريو صاحب - محترم فقير مصري صاحب - محترم فقير مير محمد درس صاحب کپرو - محترم فقير علامه عبدالرزاق منڱريو سڪندري صاحب ڇاڇرو ٿر -
محترم فقير ملوڪ منڱريو صاحب ٿر - محترم دوست علي منڱريو صاحب ۽ ڪثير تعداد ۾ جماعت سڳوري شرڪت ڪرڻ فرمايائون ۔
تمام محسنين مهربان معززين جي ڪرم نوازي جو پاڻ تشريف کڻي آيا سندن اچڻ تي شڪر گذار آهيون دعا آهي ته ساٿ سلامت رهي هميشه جي لاء هي ديني ادارو علم سان شاد زنده باد رهي آمين
۔
مجلس تشڪر -
علامه فقير قاري حافظ معشوق احمد راڄڙ سڪندري صدر مدرس مدرسه هٰذا
علامه قاري حافظ عبدالغفار منڱريو سڪندري صاحب مدرس مدرسه هٰذا
فقير مانجهي ڀنڀرو خدمت گذار مدرسه هٰذا

26/09/2025

❤️❤️مفتي عنايت الله سڪندري صاحب

ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو

جشن ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم 1500سئو ساله پرجوش تقريب سعيد 27 ربيع الاول 1447 هجري بروز آچر جي ڏينهن ٿي گذري ...
26/09/2025

جشن ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم 1500سئو ساله پرجوش تقريب سعيد 27 ربيع الاول 1447 هجري بروز آچر جي ڏينهن ٿي گذري ۔ پاران فقير غازي مست منڱريو۔اهلسنت و الجماعت ڳوٺ خليفه فقير شهيد محمد امين منڱريو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ تلاوت ڪلام پاڪ استاد قاري غلام علي سڪندري مدرس مدرسه جامعہ راشديه درگاہ شريف پير جو ڳوٺ ڪئي خصوصي خطاب حضرت علامه ومولانا مفتي عنايت الله سڪندري صاحب ڪرڻ فرمايو ان کان بعد صدارتي خطاب حضرت علامه ومولانا شيخ الحديث والتفسير مفتي دوست علي سڪندري مهتمم جامعہ راشديه و پيش امام جامع مسجد درگاہ شريف پير جو ڳوٺ ڪرڻ فرمايو ان کان بعد ۾ مدرسه صبغة الأمين شاخ جامعہ راشديه ڳوٺ شهيد فقير محمد امين منڱريو جي هن ديني اداري تشريف وٺي آيا
شريڪ علماء ڪرام مان
علامه ابوبڪر ڀنڀرو سڪندري ازهري صاحب
علامه حافظ علي نواز ڀنڀرو سڪندري صاحب
علامہ محمد دائم درس سڪندري صاحب
علامه عزيزالله سڪندري صاحب
علامہ غلام مصطفى ڏاهري سڪندري صاحب
حافظ عبدالسبحان منڱريو سڪندري صاحب
علائقي جي تمام علماء ڪرام شرڪت ڪرڻ فرمائي .
آيل مهمانن صاحبن کي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار ڪندڙن ۾ ڳوٺ جي معززين محترم سائين فقير غلام قادر مڱريو صاحب محترم فقير غلام حيدر منڱريو صاحب محترم سائين فقير ڊاڪٽر فاروق عبدالله منڱريو صاحب فقير محمد عثمان منڱريو صاحب فقير مير محمد ڀنڀرو صاحب فقير محمد فاروق جمن ڀنڀرو صاحب ۽ تمام معزيزن پڻ شرڪت ڪرڻ فرمايائون ۔

آخر ۾ مدرسي جي ترقي لاء دعائون پڻ گهريو ويون ۔

پاران :- بزم طلباء سڪندريه

Address

Chhor Purano

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Madrsah Sibghat Ul Ameen Shakh jamia Rashdia darghah sharef peer jo ghoth posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category