01/08/2026
سُرَ نِسِرِيا، اُتَرَ لڳا، آءٌ پِرِين!
مُون تو ڪارِڻِ ڪانَ، سَهسين سُکائُون ڪِيُون.
”ڪانهن جا ٻوٽا ٻرجي پيا آهن (ساوڪ نڪري آئي آهي)، اتر جون ٿڌيون هوائون هلڻ شروع ٿي ويون آهن، اي منهنجا محبوب! هاڻي موٽي آءُ.
مان تنهنجي موٽي اچڻ ۽ خيريت لاءِ (ربّ جي دربار ۾) هزارين منتون ۽ ٻاڏايون ڪيون آهن