03/07/2026
غزل
تنهنجي قاتل نگاهن جا نشائي کوڙ هوندا پر.
اسان به تنهنجا عاشق هون الاهي کوڙ هوندا پر.
قتل ڪيئي ڪيا هن تو پنهنجي قاتل ادائن سان
ڏيندا معصوم چهري جي گواهي کوڙ هوندا پر.
تنهنجو چهرو زيارت آ ڏسي ڪئي مون عبادت آ
وڃايا عمر جا لمحا اجائي کوڙ هوندا پر.
اسان تنهنجا ديوانا هون تڏهن توڙي ايندا آهيون
نتان هن شهر ۾ سهڻا ٻيائي کوڙ هوندا پر.
ڪيائون ڪارناما سڀ جڏهن ڏنگن ۾ طاقت هئن
چوندا اڄ نوجوانن کي چڱائي کوڙ هوندا پر.
آهي اڄ دور سوشل ميڊيا جو پيا ٿين وائکا
ويا هن ملڪ منهنجي کي ته کائي کوڙ هوندا پر.
تنهنجو سيد سلامي آ ڏيندو تنهنجي غلامي آ
سڄڻ"سرفراز"جي سڪ جا صدائي کوڙ هوندا پر.
(سرفراز جيلاني)