Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah

Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah ٽيم سيد ميان حاجي محمد حسن شاهہ

07 آڪٽوبر 2026پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جو اهم اجلاسپبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جي چيئرمين ۽ سنڌ اسيمبلي جي معزز ميمبر ايم پي ...
07/10/2026

07 آڪٽوبر 2026

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جو اهم اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جي چيئرمين ۽ سنڌ اسيمبلي جي معزز ميمبر ايم پي اي نثار احمد کهڙو صاحب جي صدارت هيٺ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ گورنمينٽ يونيورسٽي ڪاليج حيدرآباد جي وائيس چانسلرز سان اهم اجلاس منعقد ٿيو.

اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي سان تعلق رکندڙ مختلف پارٽين جي معزز ايم پي ايز ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن، ڪميٽي سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب ۽ مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ٻنهي تعليمي ادارن سان لاڳاپيل معاملن ۽ ڪميٽي جي ايجنڊا تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.









03/10/2026

ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
محسنِ ٿر سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب جن جي مسلسل محنتن، ڪاوشن ۽ عوام دوست سوچ سان ۽ ايم پي اي نوابزاده تيمور خان ٽالپر صاحب جن جي بهترين انتخاب سان يوسي فقير عبدالله ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، جتي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جون نيون راهون هموار ٿي رهيون آهن.
ان سلسلي ۾ سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب جن جي ڀاڻيجي، ميمبر ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ۽ ضلعي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي عمرڪوٽ، سيد غلام رسول شاهه صاحب جن پاران ضلعي ڪائونسل جي فنڊ مان منظور ٿيل مختلف هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو ويو.
سيد غلام رسول شاهه مختلف علائقن جو دورو ڪري جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو، مقامي معززين ۽ علائقي واسين سان ملاقاتون ڪري سندن حال احوال ۽ مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي
محمد عمر مانجهي ساند جي سولنگ اسڪيم
فقير عبدالله، فقير عبدالستار انڙ جي موري جي اسڪيم
حاجي قادر بخش منڱريو جي سولنگ اسڪيم
ڳوٺ وارث پنهنور، حاجي علي محمد پنهنور جي سولنگ اسڪيم
عدل پنهنور، گلشير پنهنور جي سولنگ اسڪيم
ڳوٺ الهه بخش پلي، عبدالرحيم پلي جي اسڪيم
ڳوٺ ساڏوري، رئيس امتياز علي جي سولنگ روڊ اسڪيم
ڳوٺ حاجي هوت ٻٻر، موري جي اسڪيم
درگاهه آسو ڀڳت سي سي روڊ اسڪيم
دوري دوران سيد غلام رسول شاهه صاحب جن جاري ڪمن جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ماڻهن کان ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي.
علائقي جي معززين ۽ رهواسين پاران ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرائڻ ۽ عوام جي بنيادي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عملي ڪم شروع ڪرائڻ تي سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب ۽ سيد غلام رسول شاهه صاحب جن جا ٿورا مڃيا ويا. جڏھن تہ
عوامي خدمت، علائقي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر جاري آهي.
ھلندڙ اسڪيمون سال 2025 2026 جون آهن جڏهن تہ سال
2024 2025 جون اسڪيمون اڳ ۾ مڪمل ٿي چڪيون آهن

30/09/2026

انسانيت زنده باد
عوامي خدمت جو هڪ خوبصورت قدم
سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب جن جي ڀاڻيجي ۽ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي معزز ميمبر سائين غلام رسول شاهه صاحب جن جي فنڊ مان درگاهه آسو فقير اوڏ لڳ چيل بند وٽ سي سي روڊ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، جنهن جو ضلعي ڪائونسل ميمبر سائين غلام رسول شاهه صاحب جن پاران وزٽ ڪيو ويو
ان موقعي تي اوڏ برادري جي نيڪ مرد هيرا لال اوڏ ۽ درگاهه جي مجاور خميسو اوڏ پاران قبلا سائين سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحبجن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ويو ته:
“قبلا سائين جن جو اسان سان هميشه سهڪار ۽ تعاون رهيو آهي. درگاهه تي ايندڙ زائرين کي پيش ايندڙ تڪليفن کي نظر ۾ رکندي اڳ ۾ زمين ڏني وئي ايندڙ زائرين جي جان مال عزتن جي تحفظ تائين هر ممڪن مدد رهي ۽ هاڻي پنهنجي ڀاڻيجي ميمبر ضلع ڪائونسل سيد غلام رسول شاھ صاحب جن جي فنڊ مان سي سي روڊ منظور ڪرائي ڏنو اسان سائين جن جا دل جي گهرا ئين سان ٿورائتا آهيون، جن اسان جي مسئلن کي اهميت ڏئي انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا آهن.”
هي رڳو هڪ سي سي روڊ جي اسڪيم ناهي، پر علائقي جي ماڻهن، درگاهه تي ايندڙ زائرين ۽ عام مسافرن لاءِ سهولت، علائقي جي بهتري ۽ ترقي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.
عوامي مسئلن کي سمجهڻ، انهن کي اهميت ڏيڻ ۽ عملي طور تي حل ڪرڻ ئي حقيقي عوامي خدمت آهي. اهڙي عوام دوست سوچ ۽ خدمت کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.
سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب ۽ سائين غلام رسول شاهه صاحب جا لکين ٿورا، جن عوام جي سهولت ۽ علائقي جي بهتري لاءِ هي اهم قدم کنيو.
الله پاڪ سائين جن کي صحت، عزت، ڪاميابي ۽ هميشه عوام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. 🤲🌹

23 سيپٽمبر 2026سنڌ اسيمبلي جي بجلي بابت جوڙيل خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس چيئرمين ڪميٽي ايم پي اي فياض علي ٻٽ صاحب جن جي صدار...
24/09/2026

23 سيپٽمبر 2026
سنڌ اسيمبلي جي بجلي بابت جوڙيل خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس چيئرمين ڪميٽي ايم پي اي فياض علي ٻٽ صاحب جن جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي آل پارٽيز سان تعلق رکندڙ معزز ايم پي ايز ۽ ڪميٽي ميمبرز، ڪميٽي سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب، سي اي او سيپڪو سي اي او حيسڪو ڪي اليڪٽرڪ جي سينيئر نمائندي سميت مختلف لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، بجلي جي فراهمي ۽ عوام کي درپيش مسئلن بابت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي K-Electric، HESCO ۽ SEPCO جي ڪارڪردگي ۽ بجلي جي مسئلن بابت لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ويو ۽ عوام کي درپيش بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
ڪميٽي پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ لاڳاپيل بجلي ڪمپنين کي ضروري هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.








21/09/2026

20 سيپٽمبر 2026
محبوب جي محفل کي محبوب سجائيندا آهن،
ايندا آهن اهي، جن کي سرڪار ﷺ سڏائيندا آهن.
بسم الله الرحمن الرحيم
لبيڪ يا رسول الله ﷺ
محفلِ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ ۽ يارهين شريف حضرت سخي پير غوث بهاءُ الحق جي نسبت سان غوثيه پاڙو، قاضي عبدالشڪور ساند، چيلھ بند ۾ روحاني ۽ بابرڪت محفلِ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ ۽ يارهين شريف جو جلسو منعقد ڪيو ويو.
زيرِ صدارت:قبله سائين سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب جن جاڀاڻيجا،ميمبر ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ، سيد غلام رسول شاهه صاحب
مهمانِ خاص:
حضرت قبله ريحان امجد علي نعماني صاحب
مهتمم دارالعلوم امجديه، ڪراچي
خصوصي خطاب:
حضرت علامه مفتي نديم اقبال سعيدي صاحب، ڪراچي
خطابِ اول:
مفتي آصف علي شاهه صاحب، چيلھ
خطابِ دوم:
صاحبزاده عادل اصغر نعماني صاحب
نعت خواني:
نعمان عباسي قادري صاحب، ڪراچي
دستاربندي:
قاري حافظ محمد شريف ساند امجدي
آرگنائيزر:غوثيه جماعت، جماعت اهلِ سنت، قاضي عبدالشڪور ساند پاڙو، چيلھ
حاجي محمد قاسم ساند
مولوي محمد جمن
حافظ قاري محمد شريف امجدي ۽ برادرز
الله پاڪ هن بابرڪت محفل کي قبول فرمائي ۽ اسان سڀني کي عشقِ رسول ﷺ سان مالامال فرمائي. آمين يا رب العالمين۔ 🤲🌹.





17 سيپٽمبر 2026عمٺي: سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڀاڻيجي، ميمبر ضلع ڪائونسل ۽ ضلع ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري پاڪست...
17/09/2026

17 سيپٽمبر 2026ع
مٺي: سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڀاڻيجي، ميمبر ضلع ڪائونسل ۽ ضلع ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي عمرڪوٽ، سيد غلام رسول شاھ صاحب جن مٺي پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي ميرپورخاص ڊويزن جي صدر ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب جن جي مامي، ڀڳت ماتُو رام جي ٻارس ۾ شرڪت ڪئي.






16 سيپٽمبر 2026 سنڌ اسيمبلي جي گهرو کاتي بابت خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس  سنڌ اسيمبلي جي گهرو کاتي بابت جوڙيل خاص ڪميٽي جو ا...
17/09/2026

16 سيپٽمبر 2026
سنڌ اسيمبلي جي گهرو کاتي بابت خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس
سنڌ اسيمبلي جي گهرو کاتي بابت جوڙيل خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس چيئرپرسن ادي فريال ٽالپر صاحبه جن جي زيرِ صدارت ٿي گذريو.
سيڪريٽري ڪميٽي سيد ميان حاجي محمد حسن شاهه صاحب سميت سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا صوبائي وزير، مختلف سياسي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي جمائت اسلامي پي ٽي آئي ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل معزز ايم پي ايز، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جيز، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز، آفيسر ۽ ڪميٽي جا معزز ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
سنڌ جي امن امان ۽ انتظامي معاملن بابت اهم خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.







15 سيپٽمبر 2026سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڀاڻيجي ميمبر (ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ) سيد غلام رسول شاھ جي ضلعي ڪائونسل...
15/09/2026

15 سيپٽمبر 2026
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڀاڻيجي ميمبر (ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ) سيد غلام رسول شاھ جي ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت
چيئرمين ضلعي ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي صاحب ۽ معزز ضلعي ڪائونسل ميمبرن سان ملاقات.





12 سيپٽمبر 2026سنڌ اسيمبلي جي  سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان جوڙيل خاص ڪميٽي جو اجلاس صوبائي گھرو وزير ۽ خ...
13/09/2026

12 سيپٽمبر 2026
سنڌ اسيمبلي جي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان جوڙيل خاص ڪميٽي جو اجلاس صوبائي گھرو وزير ۽ خاص ڪميٽي جي چيئرمين ضياالحسن لنجار صاحب جن جي زير صدارت ٿي گزريو
اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪميٽي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب پاڪستان پيپلرزپارٽي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان لاڳاپيل ايم پي ايز ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي







11 سيپٽمبر 2026سنڌ اسيمبلي اجلاس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب
12/09/2026

11 سيپٽمبر 2026
سنڌ اسيمبلي اجلاس
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب







Address

Karachi/Umerkot/Cheel Band
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category