Darmaan tv

Darmaan tv 03453852073

08/06/2026

نئون ديرو ۾ نوجوان اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن پاران بجلي جي بندش خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،

07/06/2026

تيزاب حملي جو شڪار ڊاڪٽر ماه نور ڪراچي منتقل، ڀاءُ جو ڏکوئيندڙ بيان سامهون اچي ويو

07/06/2026

ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر

#لاڙڪاڻو #بجلي #لوڊشيڊنگ #سيپڪو #سنڌ

05/06/2026

گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي سرگرم ڪارڪن سيد عباس موسوي جي حمايت ۾ هڪ جيالو ڪارڪن پنهنجو جذباتي ۽ منفرد انداز ۾ محبت ۽ وابستگي جو اظهار ڪري رهيو آهي،













05/06/2026

افسوسناڪ واقعو :رتو ڪوٽ کان روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته موٽر سائيڪل سوار لعلورائنڪ جو مغيري آهي ۽ ويگن ۾ به ڪافي مغيري برادري جا ماڻهو موجود ھئا، اگر ڪير سڃاڻپ ڪري ٿو ته ڦورن ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو پھچي وڃن، موٽر سائيڪل وارو ھمراھ تمام سيريس حالت ۾ آهي، جلدي ڪري پوسٽ وڌ کان وڌ شيئر ڪريو ته جيئن ھن جا مالڪ پھچي وڃن،

03/06/2026

مودي آبي جارحيت ڪري رهيو آهي، وفاق ديامر ڀاشا ڊيم جلد مڪمل ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

چلاس: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين Bilawal Bhutto Zardari چيو آهي ته ڀارت جي وزيراعظم Narendra Modi آبي جارحيت ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري وفاق کي گهرجي ته Diamer-Bhasha Dam جي تعمير جلد مڪمل ڪري.

گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل چونڊ مهم دوران به هو چلاس آيو هو ۽ ان چونڊ ۾ پيپلز پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا، پر بدقسمتي سان سندن 9 سيٽون کسيون ويون.

هن چيو ته غريب دشمن منشور رکندڙ جماعتون چونڊن کي مينيج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي صرف عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته 7 جون تي عوام جي طاقت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ويندي ۽ هڪ جيالو وزيراعليٰ چونڊيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه Benazir Bhutto ٻن آمرن کي للڪاريو ۽ غريبن جي آواز بڻجي تاريخ رقم ڪئي. هن الزام هنيو ته سازشي عنصرن کين شهيد ڪرايو.

هن وڌيڪ چيو ته Asif Ali Zardari 18هين آئيني ترميم کي بحال ڪيو ۽ “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جي نعري تي عملي طور ڪم ڪيو. سندس اعلان هو ته ايندڙ بجيٽ ۾ Benazir Income Support Programme جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي ويندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 7 جون کان پوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، ڇو ته مودي حڪومت آبي جارحيت جي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي.

هن وزيراعظم Shehbaz Sharif کي مخاطب ڪندي چيو ته “لاهور اسپيڊ” جيان ديامر جي عوام کي به “شهباز اسپيڊ” ڏيکاري وڃي ۽ ڊيم جي تعمير تيز ڪئي وڃي.

بلاول جو چوڻ هو ته جيڪڏهن صدر زرداري جي حڪومت سازش تحت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ديامر ڀاشا ڊيم اڄ تائين مڪمل ٿي چڪو هجي ها. هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ، 18هين ترميم آڻڻ ۽ فوجي اڏن کي بند ڪرڻ جهڙا اهم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن.

هن چيو ته اڄ به پاڪستان کي اهڙي سياسي جماعت جي ضرورت آهي جيڪا دنيا جي اکين ۾ اکيون وجهي قومي مفادن جو دفاع ڪري سگهي.

01/06/2026

مشهور ڀارتي ڳائڻي سمن ڪليانپور لاڏاڻو ڪري وئي

01/06/2026

✍️ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس لاڙڪاڻو رينج جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي، 31 مارچ 2026
🇵🇰 ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو رينج جناب ناصر آفتاب صاحب جي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو آمد
👈 ڊيوٽي دوران زخمي ٿيل بهادر پوليس جوان نعمت الله ميمڻ جي عيادت ڪئي وئي۔
🇵🇰 ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جناب ناصر آفتاب صاحب ۽ ايس ايس پي شڪارپور/لاڙڪاڻو محمد ڪليم ملڪ صاحب زخمي جوان کي گلن جا گلدستا پيش ڪيا ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون۔
🇵🇰 ڊي آءِ جي صاحب زخمي پوليس جوان جي علاج بابت ڊاڪٽرن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
🇵🇰 ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر پوليس آفيسرن ۽ جوانن طرفان ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي۔ پوليس کاتي کي پنهنجي بهادر جوانن تي فخر آهي، جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ فرض شناسي ۽ بهادري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن۔

#لاڙڪاڻو
#پوليس











Send a message to learn more

30/05/2026

راولپنڊي: پاڪستان آسٽريليا کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
آسٽريليا جي ٽيم 44.1 اوورن ۾ 200 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان ميٽ رينشا 61 ۽ ميٿيو شارٽ 55 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اليڪس ڪيري 19، ڪپتان جوش انگلس 13، نيٿن ايلس 8 ۽ اوليور پيڪ 7 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته ٽن رانديگرن کاتو به نه کوليو.
پاڪستان طرفان عرفات منهاس شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، ابرار احمد 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، حارث رؤف ۽ سلمان علي آغا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
201 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني بيٽرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 42.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان بابر اعظم 69 ۽ محمد غازي غوري 65 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته صاحبزاده فرحان 28 ۽ معاذ صداقت 8 رنسون ٺاهيون.
ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 2 جون تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

30/05/2026

ڪراچي پارڪ ۾ عورتن کي تنگ ڪندڙ نوجوان سوگھو مارڪٽ بعد پوليس حوالي

Address

Larkana

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Darmaan tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share