سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي

سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي Sindhi Shagird Ithaad is local social worker organization, we help students, needy people civil society, and other social work.

we must work together and support whats right to the people within Law, and respect the rule of law.

13/05/2026

Celebrating my 1st year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

15/06/2025

🛑 سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي طرفان سخت احتجاجي نوٽ

ماتلي جو فيملي پارڪ عوام جو آهي — ۽ اسان ان کي تباه ٿيڻ نه ڏينداسين!

اسان، سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي، مڪمل ذميواري سان چئيرمين ماتلي، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان سخت سوال ٿا ڪيون:

> 🔴 ماتلي جو اهو پارڪ، جيڪو عوام جي ٽئڪس سان تعمير ٿيو،
🔴 اُن جون ڀتيون ڪنهن جي حڪم تي ڊاهي ويون؟
🔴 پارڪ جي جڳهه تي دوڪانن جي اڏاوت ڪنهن جي فائدي لاءِ ٿي رهي آهي؟
🔴 عوامي جڳهه تي قبضو ڪنهن جي اجازت سان؟
🔴 ۽ سڀ کان اهم — ان نقصان جو حساب ڪير ڏيندو؟
⚠️ اسان جو صاف سوال:

اسان پنهنجي ٽئڪس مان پارڪ ٺاهيون — ان جي تباهي جو جوابدار ڪير؟

اسان چئيرمين ماتلي کان پڇون ٿا:

> ❗ڇا توهان ماتلي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪرسي تي ويٺا آهيو؟
❗يا ماتلي کي برباد ڪرڻ لاءِ؟
❗توهان عوام جي نمائندگي ٿا ڪريو يا قبضه گيرن جي؟

🚨 سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي جو خبردار ڪندڙ اعلان:

پارڪ تي هلندڙ ڪم بند نه ٿيو

عوام کي وضاحت نه ڏني وئي

نقصان جو احتساب نه ڪيو ويو

ته:

📣 اسان تحصيل آفيس، چيئرمين آفيس ۽ ماتلي پريس ڪلب آڏو
احتجاجي ڌرڻا ڏينداسين
📰 پريس ڪانفرنس ڪنداسين
⚖️ عدالتي ڪارروائي ڪنداسين
🌐 ۽ سوشل ميڊيا تي عوامي تحريڪ هلائينداسين

هي پارڪ عوام جو آهي،
۽ عوام ئي ان جا وارث آهن.
اسان ماتلي جي هڪ انچ زمين تي به ناجائز قبضو برداشت نه ڪنداسين!

سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي

27/04/2025

ٻٻرلو ڌرڻي تي حملي جي ٻيھير تياري ڪئي پئي وڃي سنڌ پوليس طرفان اھڙي ڪاروائي ڪئي وئي تـ سنڌ باھ جيان ٻري اٿندي.

سنڌ شاگرد اتحاد

سنڌ شاگرد اتحاد جا ڪارڪون ۽ اڳواڻ تيار رھن ٻٻرلو ڌرڻي تي لاٺي چارج ٿي تـ ماتلي ۾ رستا بـ بند ڪيا ويندا.سنڌ شاگرد اتحاد (...
25/04/2025

سنڌ شاگرد اتحاد جا ڪارڪون ۽ اڳواڻ تيار رھن ٻٻرلو ڌرڻي تي لاٺي چارج ٿي تـ ماتلي ۾ رستا بـ بند ڪيا ويندا.

سنڌ شاگرد اتحاد (ماتلي)

جنابِ عالي، معزز شاگرد،علم ۽ هنر انسان جي شخصيت جا ٻه بنيادي زيور آهن. جيئن علم انسان کي عقل ۽ شعور جي روشني بخشي ٿو، تي...
23/04/2025

جنابِ عالي، معزز شاگرد،
علم ۽ هنر انسان جي شخصيت جا ٻه بنيادي زيور آهن. جيئن علم انسان کي عقل ۽ شعور جي روشني بخشي ٿو، تيئن هنر کيس زندگيءَ جي واٽن تي سگهارو بڻائي ٿو.
اهڙيءَ ريت اوهان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي تعليم تي مڪمل ڌيان ڏيڻ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن هنر کي به ضرور سکيو، ڇو ته علم سان علمي شان حاصل ٿئي ٿو ۽ هنر سان روزگار ۽ عزت جو در کلي ٿو.
اهو ئي وقت آهي جو اوهان پنهنجي مستقبل جي تعمير لاءِ محنت، ثابت قدمي ۽ لگن سان اڳتي وڌو. پڙهائي ۽ هنر ٻنهي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو ته جيئن هر ميدان ۾ ڪاميابي اوهان جي قدم چمي.

دعائن سان گڏ، رب پاڪ کان دعاگو آهيان ته اوهان کي علم، هنر، دانائي ۽ وڏي عزت عطا فرمائي.
آمين ثم آمين۔
سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي

23/04/2025

ڪولھي برادري سان پيش آيل افسوس ناڪ واقعي تي سنڌ شاگرد اتحاد جو صدر راجا سوٽھڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي.

Address

Gharibaabad Muhallah
Matli
72010

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ شاگرد اتحاد ماتلي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category