Awaz Andaz & Script

Awaz Andaz & Script پيج فالو ڪندا تـ مھربانـــــــــــــي

16/04/2026

Fallow our page
ڪو به دوست پنهنجي نالي تي شاعري تحرير ڪهاڻي يا ٻيو مواد پنهنجي نالي سان ريڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري

03358160762 واٽس ايپ

03413298528 رابطه نمبر

بيشڪ زندگي فاني آهي ۽ هن دنيا تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو ناهي، هر ساهه امانت آهي ۽ هر انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي رب ڏان...
16/04/2026

بيشڪ زندگي فاني آهي ۽ هن دنيا تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو ناهي، هر ساهه امانت آهي ۽ هر انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي رب ڏانهن موٽي وڃڻو آهي، پر جڏهن موت اوچتو اچي ٿو، بنا ڪنهن اطلاع جي، بنا ڪنهن آخري ملاقات جي، تڏهن اهو صرف هڪ انسان کي نه وٺي وڃي ٿو پر ڪيترن ئي دلين کي ٽوڙي، ڪيترن ئي خوابن کي اڌ ۾ ڇڏي ۽ ڪيترن ئي اميدن کي دفن ڪري وڃي ٿو، ڳوٺ ڪاسياڻي جو نيڪ، بااخلاق، علم دوست ۽ هر دلعزيز انسان HST ماستر ڪريم داد ولد سخي نهڙي 3 اپريل 2026 تي اوچتو اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، اڃا تائين دل مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اڃا تائين اندر مان آواز اچي ٿو ته نه اهو سچ ناهي، اسان جو پيارو چاچو اڃا به اسان جي وچ ۾ آهي، پر حقيقت ۾ هڪ اهڙو تلخ سچ آهي جنهن کان انڪار ممڪن ناهي، چاچا ڪريم داد تون صرف هڪ انسان نه هئين، تون محبت جو ساهه هئين، تون علم جو ڏيئو هئين، تون اسان لاءِ ڇانوَ هئين، تنهنجي موجودگي اسان لاءِ سڪون هئي، تون اسان سان ويهي مٺيون ڳالهيون ڪندو هئين، حديثن جا سبق ٻڌائيندو هئين، نماز جي اهميت سمجهائيندو هئين ۽ هر وقت نيڪيءَ جي راهه ڏيکاريندو هئين، تنهنجو نرم لهجو، تنهنجي شفقت ڀريو انداز اڄ به ڪنن ۾ گونجي ٿو، “جاويد پٽ” چئي سڏ ڪرڻ وارو اهو آواز اڄ به دل کي چيريندو رهي ٿو، اسان کي اڪيلو ڇڏي تون هليو وئين چاچا، غمن جي اوندهه ۾ اسان کي ڇڏي تون هليو وئين چاچا، اڄ اهو گهر ساڳيو آهي، اهو اڱڻ ساڳيو آهي، اهو ڳوٺ ساڳيو آهي پر انهن سڀني مان سڪون، خوشي ۽ رونق ڄڻ ڪنهن کسي ورتا آهن، تون ته مٽيءَ ۾ سمائجي خاموش ٿي ويو آهين پر پنهنجا معصوم ٻارڙا سڏڪن ۾ ڇڏي ويو آهين، رات جو جڏهن اهي ننڊ ۾ وڃن ٿا ته تنهنجو نالو کڻن ٿا، “بابا بابا” چئي روئن ٿا، انهن جي ننڍڙن هٿن ۾ اڃا به تنهنجي آڱر جي ڳولا آهي، انهن جي دل تي تنهنجي جدائي هڪ وڏو زخم بڻجي وئي آهي جيڪو شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، چاچا تنهنجي وڃڻ سان رڳو هڪ انسان نه ويو آهي پر هڪ گهر جو سهارو، هڪ خاندان جي اميد، ڪيترن ئي خوابن جو مرڪز به ختم ٿي ويو آهي، تون استاد هئين پر رڳو ڪتابن جو نه پر زندگيءَ جو استاد هئين، هر شاگرد توکي ڏسي خوش ٿيندو هو، هر ٻار تو وٽان علم سان گڏ ادب، اخلاق ۽ انسانيت سکندو هو، تون شاگردن کي پنهنجي ٻچن وانگر پڙهائيندو هئين، سندن مستقبل ٺاهڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو هئين، اڄ به اسڪول جون ڀتيون تنهنجو انتظار ڪن ٿيون، شاگردن جون اکيون توکي ڳولين ٿيون پر تون واپس نه ايندين، اوھان کان سواءِ هي ڳوٺ اجڙيل لڳي ٿو، هي اڱڻ ويران لڳي ٿو، زندگي جي بي وفائي تي دل روئي ٿي، انسان سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته هن دنيا ۾ آخر پنهنجو ڇا آهي، اڄ آهيون سڀاڻي شايد نه هجون، اهو ئي سچ انسان کي اندر کان لوڏي ڇڏي ٿو، چاچا تون هميشه چوندو هئين ته سٺن ماڻهن سان گڏ رهو، علم حاصل ڪريو، برائي کان بچو، تنهنجي هر ڳالهه ۾ سچائي هئي، هر نصيحت ۾ محبت هئي، پر هاڻي اهي نصيحتون ڪير ڪندو، هاڻي اهو رستو ڪير ڏيکاريندو، اڃا ته ڪجهه ڏينهن اڳ توسان ملاقات ٿي هئي، تنهنجي سان ويهي ڳالهيون ڪيون هيون، ڪنهن کي خبر هئي ته اها آخري ملاقات هوندي، جڏهن تنهنجي وڇوڙي جي خبر ملي ته ڄڻ دنيا ئي بدلجي وئي، هٿ پير ڪپڻ لڳا، دل بي چين ٿي وئي ۽ اکين مان ڳوڙها بي اختيار وهي پيا، دل مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ته اهو سچ آهي، سوال اکين ۾ رهجي ويا، جواب ڪٿي به نه مليا، صرف يادون بچيون آهن ۽ هڪ نه ڀرندڙ خال، چاچا تون اسان جو فخر هئين، اسان جو هيرو هئين، تنهنجي سادگي، تنهنجي ايمانداري، تنهنجي شفقت هر ڪنهن لاءِ مثال هئي، تون خوش مزاج هئين، هر ڪنهن سان محبت سان ملندو هئين، تنهنجو اوچتو وڇوڙو رڳو هڪ انسان جو نه پر ڪيترن ئي خوابن جو وڇوڙو آهي،
جيڪو ماڻهو دل کي تمام گهڻو وڻندو آهي شايد ان جي زندگي ٿوري هوندي آهي پر تون پنهنجي ننڍڙي زندگي ۾ وڏا ڪم ڪري ويو آهين، ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هميشه جي جاءِ ٺاهي ويو آهين، چاچا تنهنجي ياد هر گهڙي ايندي، تنهنجي ڳالهه هر پل ياد ايندي، تنهنجي کوٽ ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، ڪيئن گذرندا هاڻ اهي ڏينهن تنهنجي بغير، ڪيئن لڳندو هي ڳوٺ تنهنجي بغير، آخر ۾ رب پاڪ کان دعا آهي ته الله پاڪ چاچا مرحوم ماستر ڪريم داد کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندس قبر کي نور سان ڀري ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، آمين ثم آمين 🤲💔

16/04/2026

دوستو ڏيو حال احوال ڪيئن آھيو؟

افسوس ۽ ڏک جي اهڙي گهري لهر دل کي جڪڙي ڇڏيو آهي جو لفظ به ساٿ نٿا ڏين جڏهن اها خبر ملي ته اسان جي ڳوٺ ٻيواٽو جي معزز، به...
15/04/2026

افسوس ۽ ڏک جي اهڙي گهري لهر دل کي جڪڙي ڇڏيو آهي جو لفظ به ساٿ نٿا ڏين جڏهن اها خبر ملي ته اسان جي ڳوٺ ٻيواٽو جي معزز، بهادر، نيڪ دل ۽ انسانيت جي علمبردار شخصيت شري ھٺيسنگھ سوڍا هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع چئي پرلوڪ پڌاري ويا آهن، بيشڪ اهڙيون هستيون صدين ۾ هڪ ڀيرو جنم وٺنديون آهن جيڪي پنهنجي ڪردار، اخلاق، بهادري ۽ محبت سان نه صرف پنهنجي ڳوٺ پر پوري علائقي جي دلين تي راڄ ڪنديون آهن، شري ھٺيسنگھ سوڍا ڪو عام انسان نه هئا پر هڪ مڪمل ڪردار، هڪ تاريخ، هڪ اهڙو درس هئا جيڪو جيئري ئي ماڻهن کي انسانيت، همدردي، بهادري ۽ سچائيءَ جو مطلب سيکاري ويو، سندن وڃڻ سان ڄڻ ڳوٺ جي هر گهٽي ويران ٿي وئي آهي، هر دل اداس آهي، هر اک اشڪبار آهي ۽ هر چهرو غم ۾ ٻڏل آهي، ڇو ته اهڙو ماڻهو جيڪو هر ڏکئي وقت ۾ سڀ کان اڳيان بيهي، جيڪو هر غمگين دل جو سهارو بڻجي، جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي ٻين جي مدد ڪري، جيڪو سچ ۽ حق لاءِ ارڏو ٿي وڙھي، اهو جڏهن دنيا مان هليو وڃي ته رڳو هڪ گهر نه پر سڄو ڳوٺ يتيم ٿي وڃي ٿو، شري ھٺيسنگھ سوڍا جي چهري تي جيڪا مسڪراهٽ هوندي هئي اها رڳو مرڪ نه پر ماڻهن لاءِ همٿ هئي، سندن لفظ رڳو ڳالهيون نه پر ماڻهن لاءِ حوصلو هئا، سندن موجودگي پاڻ ۾ هڪ تحفظ جو احساس هئي، اڄ اهو سڀ ڪجهه اوچتو ختم ٿي ويو آهي ۽ دل مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته هاڻي هو اسان جي وچ ۾ موجود ناهن، ڪجھ ماڻھو واقعي هڪ پوري تاريخ بڻجي ويندا آهن، دنيا انهن کي وساري نٿي سگهي، سندن گڻ ڳايا ويندا آهن، سندن ڪردار صدين تائين ياد رکيا ويندا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ لاءِ ڪجھ به نٿا گهرن پر ٻين لاءِ جيئندا آهن، اهي ئي اصل ۾ هر دل جي ضرورت بڻجي ويندا آهن ۽ جڏهن اهي وڇڙي وڃن ٿا ته هر اک روئي ٿي، هر دل تڙپي ٿي، هر زبان بي آواز ٿي وڃي ٿي، شري ھٺيسنگھ سوڍا به اهڙي ئي شخصيت هئا جيڪي سماج جو مرهم هئا، جيڪي ڏکارن لاءِ ڇانوَ هئا، جيڪي بهادريءَ جي علامت هئا ۽ جيڪي محبت ۽ ڀائپي جو زنده مثال هئا، هن دور ۾ جتي هر ڪو پنهنجي مفاد ۾ لڳل آهي، اتي اهڙو بي لوث انسان ملڻ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو، جيڪو پنهنجي ذات کان مٿي ٿي ڪري پنهنجي سماج ۽ قوم لاءِ جيئندو هجي، جيڪو پنهنجي وقت، پنهنجي وس ۽ پنهنجي طاقت کي ٻين جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، اهو ماڻهو رڳو انسان نه پر هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو، ۽ جڏهن اهڙو ادارو اوچتو ختم ٿي وڃي ته ان جو خال ڪڏهن به پورو نٿو ٿي سگهي، اڄ ٻيواٽو ڳوٺ جي فضا سوڳوار آهي، هر طرف اداسي پکڙيل آهي، ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا پر لفظ نٿا ملن، ڇو ته جيڪو شخص سڀني کي هڪ لڙي ۾ پروئي گڏ رکندو هو، جيڪو هر اختلاف کي محبت سان ختم ڪندو هو، جيڪو هر دل کي پاڻ سان جوڙي رکندو هو، اهو هاڻي اسان ۾ ناهي، ۽ اهو احساس ئي دل کي ٽوڙي وجهي ٿو، بهادر ماڻهو تلوار کڻي جنگ ڪرڻ سان نه پر ماڻهن کي امن سان جيئڻ سيکارڻ سان سڃاتا ويندا آهن ۽ شري ھٺيسنگھ سوڍا اهڙن ئي بهادرن مان هڪ هئا، جيڪي نفرتن کي ختم ڪري محبتون وڌائيندا هئا، جيڪي ماڻهن کي گڏ رکندا هئا، جيڪي سچ لاءِ بيهندا هئا، جيڪي ڪنهن به ظلم اڳيان جهڪندا نه هئا، اڄ اهڙي بهادر، اڻموڙ ۽ انمول انسان جي وڇوڙي سان اسان سڀني جي زندگين ۾ هڪ اونداهو ڇانئجي ويو آهي، راجپوت سماج جو هي انمول هيرو، هي وڏو اثاثو اسان کان وڇڙي ويو آهي، ۽ اهو نقصان لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، اهڙن ماڻهن جا نالا رڳو ڪتابن ۾ نه پر دلين ۾ لکبا آهن، ۽ اهي ڪڏهن به مٽجڻ وارا ناهن، سندن زندگي، سندن ڪردار، سندن بهادري ۽ سندن انسانيت اسان لاءِ هميشه هڪ روشن مثال رهندي، ڀگوان کان دل جي گهراين سان دعا آهي ته شري ھٺيسنگھ سوڍا جي آتما کي شانتي ڏي ۽ کيس پنهنجي چرڻن ۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس پويان وارثن کي صبر ۽ همت عطا ڪري ته جيئن هو هن بي پناهه ڏک کي برداشت ڪري سگهن، پر حقيقت اها آهي ته اهڙو ڏک ڪڏهن به وسرڻ وارو ناهي، شري ھٺيسنگھ سوڍا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا، سندن يادون، سندن ڳالهيون، سندن محبت ۽ سندن ڪردار هميشه اسان سان گڏ رهندا، ۽ هر ڀيري جڏهن ڳوٺ ۾ ڪو ڏکيو وقت ايندو ته اسان کي شدت سان سندن کوٽ محسوس ٿيندي ۽ دل مان هڪ ئي آواز نڪرندو ته ڪاش اهڙا ڏاڏي ھٺيسنگھ جھڙا ماڻهو ڪڏهن به وڇڙن ئي نه ها

11/04/2026

ھن دل ۾ ڪوئي دادلو رهي ئي رهي ٿو
غزل : ڀارومل امراڻي
آواز :
فقير ذوالفقار لنڊ

حُسن (خوبصورتي) سان محبت انسان جي فطرت جو هڪ اهم حصو آهي. جڏهن به اسان ڪنهن خوبصورت چهري، فطرت جي دلڪش منظر، يا ڪنهن جي ...
09/04/2026

حُسن (خوبصورتي) سان محبت انسان جي فطرت جو هڪ اهم حصو آهي. جڏهن به اسان ڪنهن خوبصورت چهري، فطرت جي دلڪش منظر، يا ڪنهن جي سٺي اخلاق کي ڏسون ٿا، ته دل پاڻمرادو ان ڏانهن ڇڪجي ٿي. هيءَ محبت صرف ظاهري صورت تائين محدود ناهي، پر ان جو تعلق دل، روح ۽ احساسن سان به آهي.
حُسن جا ڪيترائي روپ آهن. هڪ طرف ظاهري حُسن آهي، جيڪو چهري، لباس ۽ انداز ۾ نظر اچي ٿو، ته ٻئي طرف باطني حُسن آهي، جيڪو انسان جي اخلاق، روين ۽ سوچ ۾ موجود هوندو آهي. اصل ۾، حقيقي محبت هميشه باطني حُسن سان ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ظاهري خوبصورتي وقت سان گهٽجي سگهي ٿي، پر سٺا اخلاق ۽ سٺي دل ڪڏهن به ختم نٿا ٿين.
حُسن سان محبت انسان کي بهتر بڻائي ٿي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي خوبصورتي کان متاثر ٿيندو آهي، ته هو پاڻ ۾ به سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مثال طور، هو پنهنجي ڳالهائڻ جو انداز، رويو ۽ لباس بهتر ڪرڻ شروع ڪندو آهي. اهڙي طرح، محبت انسان جي شخصيت کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
پر ياد رکڻ گهرجي ته حُسن سان محبت هميشه حد اندر هئڻ گهرجي. جيڪڏهن هي محبت صرف ظاهري ڏيک تائين محدود رهي يا حد کان وڌي وڃي، ته اها انسان کي گمراهه به ڪري سگهي ٿي. ان ڪري، ضروري آهي ته محبت ۾ سچائي، عزت ۽ احترام هجي.
فطرت جو حُسن به محبت جو هڪ وڏو ذريعو آهي. گلن جي خوشبو، آسمان جي نيرائي، سمنڊ جي لهرن ۽ جبلن جي خوبصورتي انسان جي دل کي سڪون ڏين ٿا. اهڙي محبت انسان کي خدا جي قدرت جي ويجهو آڻي ٿي.
آخر ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته حُسن سان محبت هڪ خوبصورت احساس آهي، جيڪو انسان جي زندگي کي خوشين ۽ رنگن سان ڀري سگهي ٿو، پر ان محبت کي سمجهه، عزت ۽ سچائي سان نڀائڻ ضروري آهي.

اسان ڪـــريون ڳالھ دليلن سـان تـ رد ٿي وڃـي ٿياوھانجي چپن جي خاموشــي بـ سـند ٿي وڃـي ٿيانھي ڪــري چــوان ٿو تـ ظـلم خـل...
09/04/2026

اسان ڪـــريون ڳالھ دليلن سـان تـ رد ٿي وڃـي ٿي
اوھانجي چپن جي خاموشــي بـ سـند ٿي وڃـي ٿي

انھي ڪــري چــوان ٿو تـ ظـلم خـلاف ڳالھــــــايـــو
اوھانجي خاموشي پڻ دشمن جي مدد ٿي وڃي ٿي

اڪثر ماڻهو اسان جي زندگيءَ سان وابسته هوندا آهن پر هو اسان جا نه هوندا آهن هو گڏ ته هوندا آهن پر اسان جي سوچ، احساسات ۽ ...
09/04/2026

اڪثر ماڻهو اسان جي زندگيءَ سان وابسته هوندا آهن پر هو اسان جا نه هوندا آهن هو گڏ ته هوندا آهن پر اسان جي سوچ، احساسات ۽ دل جي اندر جي ڳالھين کي ڪڏهن سمجهي نٿا سگهن اهي ماڻهو زندگيءَ جي سفر ۾ اسان سان هلي سگهن ٿا پر دل جي ڳڻتي ۽ جذبات کي ڪڏهن پورو نه سمجھي سگهندا انسان کي ٿڪائيندڙ ڪم يا مشڪل حالتون نه آهن پر اهي ماڻهو آهن جن سان گڏ هئڻ دوران لفظن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت پوي ٿي هر ڳالهه صاف صاف ۽ سمجهائي وڃي پر پوءِ به هو سمجهي نه سگهن جتي انسان کي پاڻ کي بار بار ثابت ڪرڻو پوي اهو تعلق رڳو سڪون نه ڏئي پر اندر ئي اندر ٿڪائي وجهي ٿو ۽ دل ۾ بيچيني وڌي وڃي ٿي زندگيءَ جي خوبصورتي گهڻن ماڻهن ۾ ناهي پر انهن چند ماڻهن ۾ آهي جن سان اختلاف به احترام بڻجي وڃي ۽ خاموشي ۾ سڪون ملي وڃي اهڙا ماڻهو اسان جي دل کي اهڙي شان سان ڇهن ٿا جو سندن موجودگيءَ سان ئي زندگيءَ ۾ روشني ۽ آرام محسوس ٿئي ٿو ٿورو پاڻ کان پڇو ڇا اسان واقعي پنهنجي پسند جي ماڻهن سان زندگيءَ گذاري رهيا آهيون يا صرف حالتن سان سمجهوتو ڪري پاڻ کي راضي ڪرڻ ۾ مشغول آهيون زندگيءَ جو سفر ته پنهنجو آهي ڪهڙين به حالتن ۾ گذري ويندي پر اسان جي دل ۽ ذهن جو مطمئن هجڻ اسان جي چونڊ تي دارومدار رکي ٿو چونڊ اسان جي آهي ۽ خوشي پڻ اسان جي هٿ ۾ آهي جڏهن اسان پنهنجي دل جي آواز کي ٻڌندا آهيون ۽ پنهنجن چونڊيل ماڻهن سان زندگيءَ جو سفر ڪندا آهيون تڏهن ئي زندگيءَ جي هر پل ۾ سڪون، محبت ۽ حقيقي خوشي محسوس ٿئي ٿي

09/04/2026

مجبوري ۽ بيوسي

Address

Mithi
69230

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awaz Andaz & Script posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share