10/09/2026
بسم الله الرحمن الرحيم
گورنمينٽ ايليمينٽري ﺍﺳڪﻮﻝ فتح الله گھمرو ۾ جشنِ ميلاد النبي ﷺ ملهايو ويو
هر سال جي روايت مطابق هن سال بہ GBELS فتح الله گھمرو ۾ آقا دوجهان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ولادتِ با سعادت جي موقعي تي شاندار ”ميلاد النبي ﷺ“ ملهايو ويو.
تقريب ۾ شاگردن ۽ استادن ملي ڪري حضور جن جي بارگاهه ۾ نعتون ۽ درود و سلام پيش ڪيا. استادن آقا ڪريم ﷺ جي اسوهءِ حسنه ۽ تعليمات تي روشني وڌي. آخر ۾ اسڪول جي ترقي، ٻارڙن جي باعمل مستقبل ۽ ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ خصوصي دعا گهري وئي
الله تعالى اسان جي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. آمين!