08/07/2026
ياد ڳالھايون پراڻيون ڪري مان روئان ٿو سڏڪا ڀري
او اھڙو لڳو واءُ آ جو ھڪ ٻئي کان ٿي ويا ھون پري
نڪي ڏوھ آ تنھنجي نڪي آ منھنجي ائين لکيل مقدر ۾ ھو
نہ تنھنجي ٿي يار سري نہ منھنجي ٿو ھاڻي سري
ڪجھ گذري آ وقت ويو ڪجھ ھاڻي بہ گذري ويندي
جدائي ۾ منھنجو ھاڻي يار صفا ٿو ھاون ڏري
ڀلي موت اچي فراز چوي پر ڪنھن کان نہ يار جدا ٿئين
شام صبح جمالي دعا روئي رب کان ٿو اھو گھري