HUR_Jamait

HUR_Jamait Videos and photos of peerpagar
do like and follow this page

10/07/2026

Bhej pagara follow hur jamait page #

08/07/2026
01/07/2026

Share fans

جيڪڏھن روزانه ائين ئي نئو ھزار ڈھ ھزار ويوز ملندا رھندا ته انشاء الله تعالیٰ اسان جا ٽي لک ويوز پورا ٿي ويندا ۽ اسان جو ...
27/06/2026

جيڪڏھن روزانه ائين ئي نئو ھزار ڈھ ھزار ويوز ملندا رھندا ته انشاء الله تعالیٰ اسان جا ٽي لک ويوز پورا ٿي ويندا ۽ اسان جو فيسبڪ پيج پنھنجي اٺاويھ ڏينھن ۾ مونيٽائيز ٿي ويندو
انشا۽الله

27/06/2026

مرشد منھنجو مون ساڻ ڇوليون مونکي ڇا ڪنديون ✌❤ ゚viralシ
゚viralシ Bhej Pagara
fans

26/06/2026

مرشد ڪريم جو سھڻو انداز سبحان الله
゚viralシ ゚viralシ

Bhej Pagara Geo Hur HuR JaMaiT FaceBooK GroUp

زبدة الواصلين حضرت پير سائين سيد علي گوهر شاهه اول "اصغر سائين" (بنگلي ڌڻي) جي سنڌي ٻوليءَ تي عبور                      ...
26/06/2026

زبدة الواصلين حضرت پير سائين سيد علي گوهر شاهه اول "اصغر سائين" (بنگلي ڌڻي) جي سنڌي ٻوليءَ تي عبور

فقيرمحمدعثمان ھنڱورو
حضرت پير سائين سيد علي گوهر شاهه اول، مشهور بنگلي ڌڻي ۽ "اصغر سائين" جي نالي سان سڃاتل، سنڌي ادب ۽ صوفي شاعريءَ جي آسمان جو هڪ روشن ستارو هئا. سندن شاعريءَ ۾ عشق، معرفت، فڪر ۽ روحانيت سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي بي مثال سونهن ۽ وسعت پڻ نمايان نظر اچي ٿي. سندن ڪلام مان ثابت ٿئي ٿو ته کين سنڌي ٻوليءَ تي غيرمعمولي دسترس حاصل هئي، جيڪا سندن فطري صلاحيت، درگاهي ماحول ۽ سنڌ جي مختلف علائقن سان عملي وابستگيءَ جو نتيجو هئي.

اصغر سائين جي شاعريءَ جي وڏي خوبي سندن بيان جي قوت آهي. هو دل جي نازڪ جذبن، عشق جي ڪيفيتن ۽ روحاني رمزن کي اهڙي دلڪش انداز ۾ پيش ڪن ٿا، جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ سڌو سنئون انهن احساسن سان جڙجي وڃي ٿو. سندن لفظن ۾ سادگي، مٺاس ۽ اثر آفريني موجود آهي.

سندن ڪلام جا هي شعر ان ڳالهه جا زنده مثال آهن:

"ڪڏھن توسان يار ويهي ڳجھيون ڳرھينديس ڳالهيون"

"رمزان رانول مان جي روح ۾ اڄ ڪي وري لايون نيون"

"ھينئڙو منهنجو نيئڙو جتن ايندا، ڪڏھن ملندا وري"

"دلبر تنهنجي ديدار لئي، منڙو اداسي آ گھڻو"

اصغر سائين جي زبان ۾ "ھينئڙو"، "منڙو"، "نيئڙو" ۽ "وئڙو" جهڙا پيار ۽ محبت سان ڀرپور لفظ فطري انداز ۾ استعمال ٿيل آهن، جيڪي سندن شاعريءَ کي وڌيڪ دلنشين بڻائين ٿا.

اصغر سائين جي هڪ وڏي ادبي خصوصيت اها به آهي ته کين اترادي ۽ لاڙي، ٻنهي سنڌي لهجن تي مڪمل عبور حاصل هو. سندن ڪلام ۾ اتر سنڌ جا لفظ "ورهان"، "ڀڙان"، "راهان" ۽ "دانهان" به ملن ٿا، جڏهن ته لاڙي ٻوليءَ جا لفظ "ڪوه"، "آئين"، "کئين" ۽ "وريو وريو" پڻ نهايت سهڻي نموني سان استعمال ٿيل آهن.

مثال طور:

"ڪيچ ھلوسي سرتيون جيڪي ھجن ڀڙان"

"ڪوه ڪنديس تنهنجون شالون، لک لهي منهنجي لوئي"

"ڪانگل ڪڍي دل تو ڏيان، جانب اڳيئون جي تون کئين"

"اصغر عاشق ٿيء نه عاجز، آري اچي ٿو وريو وريو"

سندن شاعريءَ ۾ سرائيڪي ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا پڻ شامل آهن، جيڪي اتر سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اثرن جي عڪاسي ڪن ٿا. "منجن" ۽ "ٻلي" جهڙا لفظ سندن ٻوليءَ جي وسعت ۽ مطالعي جي گهرائيءَ جو ثبوت آهن.

اصغر سائين نه رڳو هڪ بلند پايه صوفي شاعر هئا، پر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ماهر پڻ هئا، جن پنهنجي ڪلام ذريعي سنڌي لغت، محاورن ۽ لهجن جي سونهن کي امر بڻائي ڇڏيو. سندن شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مٺاس، وسعت ۽ فني عظمت جو زنده شاهڪار آهي، جيڪو اڄ به ادب جي شوقينن ۽ روحانيت جي متلاشين لاءِ
الهام جو سرچشمو آهي.
Follow Our page
Share
Like
fans
Bhej Pagara
bhej pagara ゚viralシ ゚viralシ

Address

SUKKUR
Sukkur
00000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HUR_Jamait posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share