04/08/2026
اڄ چيئرپرسن روبينه خالد جي سربراهي ۾ کليل اي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مستحق عورتن جا مسئلا ٻڌي لاڳاپيل اختيارين کي فوري حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون.
📅 اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر جي شروعات ۾ نئين قسط جاري ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
💰 ان سان گڏ موجوده 14,500 رپين واري قسط کي 18,000 رپين تائين وڌائڻ جي تجويز پڻ سامهون آئي، جنهن جو مقصد مستحق خاندانن کي وڌيڪ مالي سهائتا فراهم ڪرڻ آهي.
⚠️ اهم نوٽ:
18,000 رپين بابت اڃا تائين ڪو سرڪاري نوٽيفڪيشن يا باضابطه اعلان جاري ناهي ٿيو. تنهن ڪري مهرباني ڪري غير تصديق ٿيل خبرن تي يقين نه ڪريو ۽ صرف سرڪاري BISP ذريعن تان ئي معلومات حاصل ڪريو